وفاقي ڪابينا فوجداري ڪيسن بابت قانون ۾ ترميم جي منظوري ڏئي ڇڏي

0
517
اُميد آھي ته بي اعتمادي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي ڪابينا فوجداري ڪيسن بابت قانون ۾ ترميم جي منظوري ڏئي ڇڏي، هاڻي ڪرمنل ڪيسز تي 9 مهينن ۾ فيصلو ڪرڻ لازمي هوندو

 پراسيڪيوشن يا جج مان ڪنهن به ڪيس ۾ دير ڪئي ته اُن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، ٿاڻي جو ايس ايڇ او ٿيڻ لاءِ بي اي جي ڊگري لازمي قرار، بي اي کان گهٽ اهليت رکندڙ کي ايس ايڇ او مقرر نه ڪيو ويندو

 ڪابينا جي اجلاس بعد سڌ سماءَ جي وفاقي وزير چيو آهي ته ڪرمنل لا ۾ پلي بارگين جي تصور کي به آندو پيو وڃي، پلي بارگين سان کوڙ مسئلا حل ٿي ويندا، پوليس کي به ضمانت جا اختيار ڏنا پيا وڃن، چيڪ ڊس آنر ڪيس ۾ ضمانت لازمي قرار ڏنو ويو آھيپارليامينٽ ۾ اين آر او

جڏھن تھ وفاقي ڪابينا نئين آدم شماري لاءِ 5 ارب رُپيا رکڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آھي، هلندڙ ڊسمبر ۾ آدم شماري مڪمل ٿي ويندي، ايندڙ سال جي جنوري مهيني کان تڪبندين جو ڪم شروع ٿي سگهندو، حڪومت طرفان ايندڙ عام چونڊون نئين آدم شماري تحت ڪرائڻ جو اعلان، ڪابينا جي اجلاس ۾ چلگوزي تي 45 سيڪڙو ڊيوٽي هٽائڻ جي به منظوري، هاڻي چلگوزا به سستا ٿي ويندا