عمران خان جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جي منظوري

0
318
پي ٽي آءِ چيئرمين کي اٽڪ مان اڊيالا جيل منتقل ڪرڻ جو حڪم
پي ٽي آءِ چيئرمين کي اٽڪ مان اڊيالا جيل منتقل ڪرڻ جو حڪم

وفاقي ڪابينا عمران خان جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، وفاقي ڪابينا سرڪيولر سمري ذريعي منظوري ڏني

 ذريعن موجب وفاقي ڪابينا پاران عمران خان جي گهر واري بشريٰ بي بي جو نالو به اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو به ڪيو ويو، ذريعن موجب نيب جي سفارش تي عمران خان جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي

ٻئي پاسي وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته عمران خان جي معافي وٺڻ تائين ڳالهيون نه ٿينديون، عمران خان پنهنجي غلطي تسليم ڪري قوم کان معافي وٺي، عمران خان آئنده 9 مئي جهڙا واقعا نه ڪرائڻ جو وعدو ڪري ته ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون

 ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار تقريب ۾ خطاب ڪندي چيو ته پرامن احتجاج ڪرڻ سڀني جو حق آهي، پر فوجي ٺڪاڻن تي حملن جي واقعن کي معاف نه ڪرڻ گهرجي

 عمران خان جي گرفتاري ۽ پرتشدد وڳوڙن کان اڳ حڪومت خلوص سان ڳالهين جو عمل شروع ڪيو هو، ٻنهي ڌرين چونڊن جي تاريخ کانسواءِ باقي سمورن معاملن تي اتفاق به ڪيو هو، عمران خان سڌارا آڻي ته پي ٽي آءِ سان ڳالهيون ڪري سگهجن ٿيون

هي به پڙهندا

قيد عورت ڪارڪنن سان زيادتي جون خبرون اچن پيون، سازشي چئي معاملو لڪايو پيو وڃي، سپريم ڪورٽ نوٽيس وٺي: عمران خان