اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وفاقي ڪابينا جي جوڙجڪ کي چيلينج ڪرڻ بابت شيخ رشيد احمد جي درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي آهي، چيف جسٽس اطهر من الله اڄ تي ڪيس جي ٻڌڻي ڪندو، اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد پنهنجي درخواست ۾ وزيرن، معاونن جي عهدن تي  69 مقررين کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعا ڪئي آهي. درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته اسيمبلي جي ڪل ميمبرن جو رڳو 11 سيڪڙو وزير بڻجي سگهن ٿا، آرٽيڪل 1/92 تحت وفاقي ڪابينا جو موجوده انگ غير قانوني آهي، عدالت حد کان وڌيڪ وزيرن ۽ معاونن جي مقررين کي ڪالعدم قرار ڏئي، درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته وزيرن جي مقرري ختم ڪئي وڃي ۽ حتمي فيصلي تائين معاونن کي ڪم کان روڪيو وڃي، درخواست ۾ وفاقي سيڪريٽري ۽ قانون واري وزارت ذريعي وزيراعظم، وفاقي ڪابينا جي وزيرن ۽ صلاحڪارن کي ڌر بڻايو ويو.