پي ٽي آءِ کي لانگ مارچ جي اجازت نه ملندي: وفاقي ڪابينا

0
361
وفاقي ڪابينا جو پي ٽي آءِ

اسلام آباد: وفاقي ڪابينا پي ٽي آءِ کي لانگ مارچ جي اجازت نه ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته فساد پکيڙڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي

راڻا ثناءُ الله اتحادي پارٽين جي وزيرن سان گڏ پريس ڪانفرنس دوران چيو ته مارچ کي خوني مارچ جو نالو نه ڏين ها ته اسلام آباد اچڻ جي اجازت ملي ها

هن چيو ته فساد مارچ ۽ هٿياربندن جي جٿن کي اسلام آباد اچڻ کان هر صورت ۾ روڪيو ويندو، ڪنهن کي به اجازت نه ڏني ويندي ته اسلام آباد اچي ڊڪٽيٽ ڪري

راڻا ثناءُ الله چيو ته موقعو مليو ته عمران خان ۽ سندس ميمبرز کي به گرفتار ڪيو ويندو، خاطري ڪرايان ٿو ته سڀاڻي شام تائين حالتون معمول تي اچي وينديون

راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ رينجرز جي وڌيڪ نفري مقرر

وفاقي گهرو کاتي راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ رينجرز جي وڌيڪ نفري مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، اسلام آباد ۾ ٻن مهينن لاءِ قلم 144 لاڳو ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي

 اسلام آباد ۾ ريڊ زون جي سيڪيورٽي لاءِ فوج طلب ڪئي وئي آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته ايوان صدر، وزيراعظم هائوس ۽ سُپريم ڪورٽ سوڌو ريڊ زون ۾ موجود عمارتن تي فوج مقرر هوندي

حڪومت پنجاب کان اسلام آباد ويندڙ سمورا رستا بند ڪري ڇڏيا، ڊي چوڪ سوڌو ريڊ زون ڏانهن ويندڙ رستا ڪنٽينرز رکي سيل، پنجاب سرڪار طرفان لاهور جي 20 علائقن ۾ موبائيل فون سروس بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي

پي ٽي آءِ خلاف ڪريڪ ڊائون

عمران خان جي لانگ مارچ کان هڪ ڏينهن اڳ پي ٽي آءِ خلاف ڪريڪ ڊائون  ڪري سوين ڪارڪن گرفتار ڪيا ويا آهن

اسلام آباد، لاهور ۽ ملتان سوڌو پنجاب جي مختلف شهرن ۾ پوليس ڇاپا هنيا آهن

پي ٽي آءِ دعويٰ ڪئي آهي ته پوليس عثمان ڊار، راجا بشارت ۽ فردوس عاشق اعواڻ سوڌو ڪيترن ئي ڪارڪنن جي گهرن تي ڇاپا هنيا آهن

حماد اظهر پوليس تي گهر ۾ ڀڃ ڊاهه ڪرڻ جا الزام هنيا آهن، جڏهن ته محمود الرشيد چيو آهي ته گهر ۾ پي ٽي آءِ لاهور جي قيادت موجود هئي ته پوليس ڇاپو هنيو، کين اڌ ڪلاڪ تائين اسٽور ۾ لڪي ويهڻو پيو

ڪراچي جي علائقي سهراب ڳوٺ ۾ پوليس پي ٽي آءِ ايم اين اي سيف الرحمان کي گرفتار ڪري ورتو