اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان وفاقي ڪابينا جو اجلاس سڀاڻي اڱاري ڏينهن طلب ڪري ورتو آهي وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ 27 نقاطي ايجنڊا تي منظوري لاءِ غور ٿيندو، ملڪي، سياسي، معاشي ۽ ڪورونا صورتحال جو جائزو ورتو ويندو، اجلاس ۾ ايندڙ ٽن سال سال 2021-22ع ، 2022-23ع 2023-24ع جي مڊٽرم بجيٽ اسٽريٽجي تخمينن تي ٻڌل رپورٽ پيش ٿيندي، وفاقي ڪابينا سيپڪو سميت چئن بجلي سپلاءِ ڪندڙ ڪمپنين جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي ٻيهر جوڙجڪ جي منظوري به ڏيندي، ايگرو ۽ نان ايگرو پراڊڪٽس جي پيداوار جي رجسٽريشن جي منظوري، عورتن جي حقن واري ڪميشن جي چيئر پرسن توڙي انساني حقن جي ڪميشن جي چيئرمين ۽ ميمبرن جي مقرري جي منظوري ڏني ويندي، ڪابينا ميڊيڪل ڪيٽيگريز جي فيس بابت ويزا پاليسي ۾ ترميم تي غور ڪندي، جڏهن ته آفيشل ڊيوٽي تي ايندڙ سفيرن ۽ آفيشلز لاءِ ويزا فيس ختم ڪرڻ بابت پاليسي به منظوري لاءِ پيش ٿيندي، ڪراچي ٽولز ڊائيز ۽ موڊرز سينٽر جي سي اي او جو مقرري، پاڪستان اسٽون ڊولپمينٽ ڪمپني جي سربراهه جي مقرري تي غور ٿيندو،1973ع جي رولز آف بزنس ۾ ترميم، 31 مارچ تي ٿيل ڪابينا جي قانون سازي بابت ڪميٽي جي ٿيل اجلاس جي فيصلن، ڪابينا جي توانائي بابت ڪميٽي جي 26 مارچ، سڌارن بابت ڪابينا ڪميٽي جي 18 مارچ، اي سي سي جي 31 مارچ تي ٿيل اجلاسن جي فيصلن جي منظوري، قومي ايڪانامڪ ڪائونسل جي سال 2019-20ع جي رپورٽ به ڪابينا ۾ منظوري لاءِ پيش ٿيندي.