وزيراعظم عمران خان ڊي جي آءِ ايس آءِ جي نوٽيفڪيشن واري معاملي تي ڪابينا کي اعتماد ۾ وٺي ڇڏيو

0
287
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اليڪشن

 اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان ڊي جي آءِ ايس آءِ جي نوٽيفڪيشن واري معاملي تي ڪابينا کي اعتماد ۾ وٺي ڇڏيو آھي.

ذريعن موجب وفاقي ڪابينا جي اجلاس دوران وزيراعظم چيو ته ڊي جي آءِ ايس آءِ جي نوٽيفڪيشن واري معاملي کي غلط رنگ ڏيڻ جي ڪوشش نه ڪئي وڃي، اسان هڪ پيج تي آهيون، معاملو خوش اصلوبي سان حل ٿي ويندو.

وفاقي ڪابينا افغان شهرين جي پاڪستان آمد لاءِ ويزا فيس گهٽائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آھي

پيمرا ڪائونسل آف ڪمپلينس جي نئين سر جوڙجڪ ۽ مظاهرن کي منهن ڏيڻ لاءِ اسپيشل رائٽس فورس جي قيام جي منظوري ڏني وئي آھي.

 وزير اعظم جي صدارت هيٺ ڪابينا اجلاس ۾ ملڪ جي موجوده سياسي ۽ معاشي صورتحال جو جائزو ورتو ويو.

ھي به پڙھندا

پاڪستان پرامن ، مستحڪم ۽ آزاد افغانستان چاهي ٿو: قومي سلامتي ڪميٽي