وفاقي وزير شيرين مزاري ۽ سندس ڌيءَ سوشل ميڊيا تي آمهون سامهون

0
454
وفاقي وزير شيرين مزاري

ڪراچي: ‏انساني حقن واري وفاقي وزير شيرين مزاري ۽  سندس ڌيءَ ايمان زينب مزاري سوشل ميڊِيا تي هڪ ٻئي جي آمهون سامهون اچي ويون

ايمان زينب مزاري سوشل ميڊِيا تي لکيو ته ملڪ کي جادو ڦيڻن سان هلائڻو هو ته قوم جو پيسو ايتري وڏي ڪابينا تي ڇو ضايع ٿي رهيو آهي، ٽوڻن ۽ ڦيڻن سان ملڪ تي چٿرون ڪيون پيون وڃن

ايمان مزاري پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وڌيڪ لکيو ته توهان چاهيو ٿا ته جادو ڪرڻ وارن تي ڳالهه به نه ٿئي، ائين هرگز نه ٿيندو

وفاقي وزير شيرين مزاري پنهنجي ڌيءَ کي جواب ڏيندي لکيو ته شرمنده آهيان ته تون ان حد تائين ڪري ذاتي حملا ڪري رهي آهين،  ثبوت کانسواءِ الزام لڳائڻ ساک کي ڇيهو رسائڻ جي زمري ۾ اچي ٿو، سمورا ٽڪساٽ ناڪام ٿيڻ کانپوءِ ذاتي حملا ڪرڻ شرمناڪ عمل آهي

 

ھي به پڙھندا

وزيراعظم ملڪ کي قانون بدران جادو ٽوڻي سان ھلائي ٿو، اھم مقرريون به جن ڪن ٿا: مريم