وفاقي سرڪار پاران چونڊون ملتوي ٿيڻ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ نئين بينچ جوڙڻ جي استدعا

0
310
وفاقي سرڪار پاران چونڊون

وفاقي سرڪار پنجاب ۽ ڪي پي ۾ چونڊون ملتوي ٿيڻ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ نئين بينچ جوڙڻ جي استدعا ڪري ڇڏي

اٽارني جنرل نئين بينچ جوڙڻ واري استدعا تي ٻڌل درخواست سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪرائي، 7 صفحن تي ٻڌل متفرق درخواست ۾ چيو ويو آهي ته چيف جسٽس جي سربراهي ۾ جڙيل 3 رڪني بينچ ٻڌڻي نه هلائي، پاڻمرادي نوٽيس جي ٻڌڻي نه هلائيندڙ ججز تي ٻڌل بينچ جوڙن جي استدعا  ڪئي وئي آهي

، اٽارني جنرل دليل ڏيندي چيو ته رجسٽرار آفيس مان جسٽس فائز عيسيٰ جي فيصلي تي هڪ سرڪيولر جاري ڪيو ويو، عدالتي حڪم يا فيصلي کي انتظامي سرڪيولر سان ختم نه ٿو ڪري سگهجي، عدالتي حڪم نظرثاني يا ڪالعدم ٿيڻ تي ئي ختم ٿي سگهي ٿو

چيف جسٽس رمارڪس ۾ چيو ته سرڪيولر سان ڪنهن فيصلي کي واپس نه ورتو ويو آهي، فيصلي ۾ انتظامي هدايتون ڏنيون ويون هيون، جسٽس فائز عيسيٰ جي فيصلي ۾ پاڻمرادي نوٽيس جون ڪارروائيون روڪڻ جي خواهش ظاهر ڪئي وئي هئي

هي به پڙهندا

سپريم ڪورٽ اليڪشن ملتوي ڪرڻ واري ڪيس ۾ حڪمران اتحاد جي وڪيلن کي ٻڌڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو