اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت پيٽرول ڏيڍ رُپيا ۽ ڊيزل 3 رُپيا في ليٽر سستو ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، ڪڻڪ جو امدادي اگهه 1800 رُپيا في مڻ مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ناڻي کاتي جي وفاقي وزير حماد اظهر چيو آهي ته موجوده حڪومت اسٽيٽ بئنڪ کي خودمختيار بڻايو آهي، مرڪزي بئنڪ جي خودمختياري کي گروي رکڻ وارو تاثر غلط آهي، اهو معاملو پارليامينٽ ۾ به کڻي وينداسين، اڍائي ارب جا بانڊز جاري ڪيا، جنهن ۾ ڪاميابي ملي، سڪوڪ بانڊز جاري ڪنداسين پر اُن جي تاريخ نٿي ڏئي سگهجي، اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو آهي ته  ڀارت کان کنڊ ڪپهه درآمد ڪئي ويندي، کنڊ جي قيمت پاڪستان کان گهٽ هجڻ ري ڀارت کان کنڊ گهرائي ويندي، ڇو ته ڀارت ۾ باقي دنيا جي ڀيٽ ۾ کنڊ جي قيمت ڪافي گهٽ آهي، ڀارت کان 5 لک ٽن کنڊ درآمد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، هن چيو آهي ته پاڪستان ۾ ڪپهه جي طلب گهڻي آهي، ان جي ڪري ڀارت کان ڪپهه به گهرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، وڏي معيشتن جي لاءِ ته ڪوئي مسئلو نه آهي، هن چيو آهي ته پاڪستان هر سال دنيا مان لکين ٽن ڪپهه گهرائي ٿو، پر هن ڀيري ۾ ڀارت کان ڪپهه گهرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي جنهن جو مقصد اتي قيمتون گهٽ هجڻ آهي، جون جي آخر ۾ ڀارت کان ڪپهه اچڻ شروع ٿي ويندي. هن چيو آهي ته اڄ اسان جي ڪرنسي پنهنجي پيرن تي بيٺي آهي، اسان جي ڪرنسي زور پڪڙي رهي آهي، ائين ناهي ته اسان هن ۾ ڊالرز اڇلائي رهيا آهيون، اسان کي معيشت جا چيلينجز به آهن، پاڪستان ۽ عوام کي فائدو پهچائڻ لاءِ بهتر فيصلا ڪري رهيا آهون، آءِ ايم ايف سان ڳالهيون هلي رهيون آهن ۽ 5 سئو ملين ڊالر  گرانٽ ڪئي وئي آهي.