اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي سرڪار هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي چيئرمين ڊاڪٽر طارق بنوري کي هٽائي ڇڏيو، ايڇ اي سي ترميمي آرڊيننس 2021ع لاڳو ٿيڻ بعد هيڪ چيئرمين کي هٽائڻ جو نوٽيفڪيشن جاري، ترميمي آرڊيننس ۾ هيڪ چيئرمين جي ملازمت جو مدو گهٽائي 2 سال ڪيو ويو، ذريعن جو چوڻ آهي ته هيڪ چيئرمين ڊاڪٽرطارق بنوري خلاف حڪومت کي شڪايتون مليون هيون، سندس خلاف غيرقانوني طورڀرتين ۽ گهوٻين سوڌو ٻين الزامن تحت جاچ شروع ٿي وئي آهي، ڊاڪٽر طارق مٿان ايڇ اي سي کي ٽن سالن کان ايڊهاڪ بُنيادن تي هلائڻ جا به الزام آهن.