اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ملڪ جي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ ايڪتا جو ڏينهن ملهايو ويو پريس ڪلب اسلام آباد ٻاهران سنڌين اجرڪ، ٽوپي پائي سنڌي گيتن هلائي ثقافت جو ڏينهن ملهايو ۽ سنڌ جي ثقافت سان محبت جو اظهار ڪيو، اسلام آباد ۾ رهندڙ اڪثر سنڌي ثقافتي ويس پائي مارڪيٽ ۾ گهمندي نظر آيا. جڏهن ته لوڪ ورثا اسلام آباد ۾ هلندڙ ثقافتي مليو ڪالھه سنڌي ثقافت جي ڏينهن ڪري سنڌ جي ثقافت جي رنگن ۾ رڱجي ويو، لوڪ ورثا ۾ سنڌي گيتن تي رقص ڪيو ويو، لوڪ ورثي ۾ سنڌ جي ثقافت جو اهڃاڻ ٽوپي اجرڪ ۽ ٻين هٿ جي هنرن واريون شيون ٻين صوبن سان تعلق رکندڙ ماڻهو به خريد ڪندا رهيا، اسلام آباد پريس ڪلب ۾ ڪيترن ئي ٻين صوبن سان تعلق رکندڙ صحافين خاص طور سرائڪي بيلٽ جي صحافين سنڌي اجرڪ ۽ ٽوپي پائي سنڌ جي ثقافت واري ڏينهن تي يڪجهتي جو اظهار ڪيو.