اسلام آباد (بيورو رپورٽ) حڪومت ملڪ جي سمورن شهرين کي سمارٽ فونز تائين پهچ ڏيڻ جو نئون پروگرام شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، ان پروگرام تحت شهرين کي هڪ لک رپين تائين جو سمارٽ فون آسان قسطن تي فراهم ڪيو ويندو، اسلام آباد ۾ سمارٽ فون فار آل جي عنوان سان تقريب ٿي، انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير امين الحق خطاب ڪندي چيو ته هن اسڪيم تحت هر فرد 20 کان 30 سيڪڙو ادائگي تي ڪو به موبائل فون حاصل ڪري سگهندو، هن چيو ته سمارٽ فون وٺڻ لاءِ ڪنهن ضمانت يا ڪاغذي ڪارروائي جي ضرورت نه پوندي، صرف سڃاڻپ ڪارڊ تي موبائل فون حاصل ڪري سگهبو. وفاقي وزير چيو ته سمارٽ فون فار آل اسڪيم تحت 10 هزار کان 1 لک رپين جي ماليت جا سمارٽ فون 3 کان 12 مهينن جي قسطن تي ڏنا ويندا، جيڪڏهن ڪو شخص ادائگي نه ڪندو ته فون کي لاڪ ڪيو ويندو جنهن بعد اهو دنيا ۾ ڪٿي به استعمال نه ٿي سگهندو، هن چيو ته اسڪيم جو مقصد عام ماڻهو کي سمارٽ فون ڏيڻ، ننڍي ڪاروباري ماڻهن کي اي ڪامرس ڏانهن آڻڻ آهي. وفاقي وزير پروگرام جي تاريخ نه ٻڌائي، پر اهو ٻڌايو ته ڪنيڪٽوٽي سهولتن لاءِ 65 ارب جي 70 کان وڌيڪ پروجيڪٽس تي ڪم جاري آهي، پاڪستان ۾ 29 ڪمپنيون موبائل فونز ٺاهي رهيون آهن.