وفاقي حڪومت طرفان سُپريم ڪورٽ جي فيصلي تي افسوس جو اظهار

0
215
وفاقي حڪومت طرفان سُپريم ڪورٽ جي فيصلي تي افسوس جو اظهار
وفاقي حڪومت طرفان سُپريم ڪورٽ جي فيصلي تي افسوس جو اظهار

وفاقي حڪومت طرفان سُپريم ڪورٽ جي فيصلي تي افسوس جو اظهار ڪيو ويو آهي، قانون جي وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته خدشا ۽ ابهام ختم ڪرڻ لاءِ فُل ڪورٽ جوڙي وڃي ها

هن چيو ته سُپريم ڪورٽ سياسي پارٽيز ۽ وڪيلن جي مطالبي تي غور نه  ڪيو، اعليٰ عدليه اختلافن جي ور چڙهيل آهي

وفاقي وزير چيو ته چيف جسٽس جي ذميواري آهي ته ادار ۾ اختلاف ختم ڪري، عدالت پهرين جسٽس قاضي فائز جي بئنچ جو فيصلو رد ڪيو، بعد ۾ اُن تي 6 رُڪني بئنچ جوڙي وئي

واضح رهي ته سپريم ڪورٽ آف پاڪستان پنجاب ۽ ڪي پي ۾ اليڪشن بابت ڪيس ۾ صدر عارف علوي جو فيصلو بحال ڪندي اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کي غير آئيني قرار ڏنو آهي

هي به پڙهندا

اليڪشن ملتوي ڪيس: صدر جو فيصلو بحال: عدالت اليڪشن ڪميشن جو فيصلو اڏائي ڇڏيو، وڏو حڪم جاري