اسلام آباد: وفاقي حڪومت سوئس ڪيسن جي جاچ جو فيصلو ڪيو آهي. ذريعن موجب وفاقي ڪابينا قومي احتساب بيورو (نيب) جي ٻن اڳوڻي چيئرمينن ۽ آفيسرن جي خلاف جاچ شروع ڪرڻ لاءِ ايف آءِ اي کي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ذريعن ٻڌايو ته 2011 کان 2017 تائين جي نيب چيئرمين ۽ ذميوار آفيسرن خلاف جاچ جي منظوري ڏني وئي آهي. ذريعن موجب 2011 کان 2017 تائين جي عرصي کي نيب جو ڪارو ترين دور قرار ڏنو ويو ، نيب آفيسرن عدالت کي گمراهه ڪندي سوئس ڪيسن کي بند ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو. ذريعن ٻڌايو ته نيب آفيسرن جي ڪردار جي ڪري اصل رڪارڊ جي دستيابي جي باوجود، سوئس ڪيس بند ڪيا ويا جڏهن ته نيب وٽ سوئس ڪيسن بابت اصل رڪارڊ موجود هو.