ملير/ ٺٽو (نمائندا) گورنر سنڌ عمران اسماعيل چيو آهي ته سنڌ پٺتي پيل صوبو آھي، وفاقي سرڪار سنڌ حڪومت سان گڏجي ڪم ڪرڻ چاهي ٿي، سنڌ جي ماڻھن جون تڪليفون گهٽايون وينديون. ارڙھين ترميم بعد صوبن جي ذميداري ٿئي ٿي، ان جي باوجود سنڌ جي عوام کي ڪنهن جي رحم ڪرم تي نٿا ڇڏي سگهون. اهڙو اظهار هن پي ٽي آءِ اڳواڻ ڊاڪٽر مسرور سيال جي چاچي جي وفات تي گلشن معظم پھچي ساڻس عذرخواھي بعد ميڊيا نمائندن سان ڳالهائيندي ڪيون. ان موقعي تي سنڌ اسيمبليءَ ۾ گڏيل مخالف ڌر جو اڳواڻ حليم عادل شيخ ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. گورنر سنڌ چيو ته تحريڪ لبيڪ وارن ڪجھه ڳالھيون مڃيون آھن. ٽي ايل پي وارا اسان جا ڀائر آھن، حڪومت ۽ ٽي ايل پي وچ ۾ ٿيل معاهدي جا تفصيل عوام اڳيان آندا ويندا. ٻئي پاسي ٺٽو ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ ارسلان بروهيءَ جي گهر تي ميڊيا نمائندن سان ڳالهائيندي گورنر سنڌ عمران اسماعيل چيو ته سنڌ ۾ پوليس گردي وڌي ويئي آهي، ٺٽي سميت سڄي سنڌ ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي، اهو مذمت جوڳو عمل آھي. هن چيو ته ناموس رسالت واري معاملي تي تحريڪ لبيڪ ۽ اسان سڀني جو ساڳيو ئي موقف آهي. هن چيو ته سنڌ اندر پوليس توڙي انتظامي ٻين معاملن ۽ ترقياتي اسڪيمن جي حوالي سان آئون پاڻ جائزو وٺي رهيو آهيان، سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سان هن معاملي تي ڳالهائي، تفصيلي رپورٽ تيار ڪري وزيراعظم کي اماڻي ويندي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته وفاقي سرڪار سنڌ حڪومت سان گڏجي ڪم ڪرڻ چاهي ٿي، سنڌ حڪومت کي به اپيل آهي ته صحت ڪارڊ سميت سنڌ جي معاملن تي وفاق سان تعاون ڪري.