لاهور(م ڊ) وفاقي حڪومت توشه خانا ڪيس ۾ جواب جمع ڪرائيندي چيو آهي ته توشه خانا جي معلومات ڳجهي هوندي آهي پاڪستان جي قيام کان وٺي اڄ تائين ملندڙ تحفن جا تفصيل ظاهر ڪرڻ سان سفارتي لاڳاپا متاثر ٿي سگهن ٿا. جسٽس عاصم حفيظ چيو ته اهي تحفا وڪرو ٿي سگهن ٿا ته ڳجها ڪيئن ٿا ٿي سگهن. عدالت ٻڌڻي 7 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.