وفاقي بجيٽ ۾ سگريٽ، سيمينٽ ۽ صنعتن تي ٽئڪس لڳائڻ جي منظوري

0
255
صنعتن تي ٽئڪس لڳائڻ جي منظوري
وفاقي بجيٽ ۾ سگريٽ، سيمينٽ ۽ صنعتن تي ٽئڪس لڳائڻ جي منظوري

اسلام آباد: نئين مالي سال ۾ پيٽروليم ليويِ 50 رُپيا في لِٽر ٿي ويندو، قومي اسيمبلي وفاقي بجيٽ ۾ ترميمن ۽ فنانس بل 23-2022ع جي اڪثريت راءِ سان منظوري ڏئي ڇڏي

15 کان 30 ڪروڙ رُپيا سالياني آمدني تي هڪ کان 4 سيڪڙو سُپر ٽئڪس لڳائڻ جي شق منظور ڪئي وئي آهي، 30 ڪروڙ کان وڌيڪ سالياني آمدني وارن 13 شعبن تي 10 سيڪڙو سُپر ٽئڪس لڳائڻ جي به منظوري ڏني وئي آهي

ايئرلائينز، آٽو موبائيل، مشروبات، سگريٽ، سيمينٽ، فرٽيلائيزر، فارما سوٽيڪل، شگر ۽ ٽيڪسٽائيل صنعتن تي 10 سيڪڙو سُپر ٽئڪس لڳايو ويندو، جڏهن ته بئنڪنگ شعبو به 10  سيڪڙو سپر ٽئڪس کان نه بچندو

ايوان جي ڪارروائي دوران متحده ايم اين اي صابر قائمخاني بجيٽ ۾ سندن منصوبا شامل نه ٿيڻ خلاف احتجاج ڪندي واڪ آئوٽ ڪيو

متحده ايم اين اي چيو ته حڪومت ۾ ويٺل هڪ ماڻهو اسان جا منصوبا بجيٽ ۾ شامل ڪرڻ نٿو ڏئي، عوام جهڙي تهڙي ماڻهو کي منٿون ڪرڻ لاءِ نه، پنهنجا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ اُماڻيو آهي

هن چيو ته حيدرآباد ۾ بنيادي سهولتون نه آهن، حڪومتي بئنچز مان اپوزيشن بئنچز تي ويهڻ ۾ دير ئي نه لڳندي،  حڪومتي ميمبرز جي رويي خلاف احتجاج ۽ واڪ آئوٽ ڪريون ٿا

ھي به پڙھندا

پگهاردار طبقي کي ٽئڪسز جي مد ۾ مليل رليف ختم

سنڌ جي مڪاني چونڊن ۾ ادارن جي دلچسپي نه هئي، سنڌ ۾ به ڪجهه ڪٺ پُتلي سياستدان پريشان ٿي ويا: بلاول ڀٽو زرداري