وفاقي بجيٽ پيش: سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 15 سيڪڙو واڌ

0
726
وفاقي بجيٽ پيش
وفاقي بجيٽ پيش: سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 15 سيڪڙو واڌ

اسلام آباد: وفاقي حڪومت مالي سال 23-2022 جي بجيٽ پيش ڪري ڇڏي، ناڻي جي وزير مفتاح اسماعيل قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ تقرير دوران سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 15 ۽ پينشن ۾ 5 سيڪڙو واڌ جو اعلان ڪيو آهي

ناڻي واري وزير موجب بجيٽ جو مجموعي ڪاٿو 9 هزار 502 ارب رُپيا  لڳايو ويو، جِن مان 3 هزار 950 ارب رُپيا ڊيٽ سروسنگ تي خرچ ٿيندا، ايندڙ مالي سال لاءِ ايف بي آر جي روينيو جو ڪاٿو 7 هزار 4 ارب رُپيا لڳايو ويو، جنهن مان صوبن کي 41 هزار ارب رُپيا ڏنا ويندا

بجيٽ جا اهم نڪته

مجموعي خرچن جو ڪاٿو 9502 ارب

قرضن جي واپسي لاءِ 3144 ارب

پبلڪ سيڪٽر ڊولپمينٽ پروگرام لاءِ 800 ارب

دفاع لاءِ 1523 ارب رپيا مختص

تعليمي بجيٽ ۾ 109 ارب رپيا رکيا

سول انتظاميا جي خرچن لاءِ 550 ارب

پينشن لاءِ 530 ارب رپيا

سبسڊيز لاءِ 699 ارب رپيا مختص

گرانٽس لاءِ 1242 ارب رپيا مختص

بينظير انڪم سپورٽ پروگرام لاءِ 364 ارب

هڪ ڪروڙ شاگردن کي اسڪالر شپ ملندي

هڪ لک پگهار تي ٽيڪس نه اوڳاڙيو ويندو

چاليهه هزار رپيا ماهوار ڪمائيندڙن کي ماهوار 2 هزار ملندا

سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 15 سيڪڙو واڌ

1600سي سي ۽ ان کان مٿي جي گاڏين تي ٽيڪس ۾ اضافو

سولر پينل جي درآمد تي ٻڙي سيلز ٽيڪس لڳندو

موسمياتي تبديلي لاءِ 10 ارب رپيا رکيا ويا

دفاعي ۽ سول بجيٽ

مفتاح اسماعيل چيو ته دفاع لاءِ 1523 ۽ سول انتظاميا جي خرچن لاءِ 550 ارب رُپيا مخصوص ڪيا ويا آهن، پينشن جي مد ۾ 530 ارب ۽ ٽارگيٽيڊ سبسڊي جي مد ۾ 699 ارب رُپيا رکيا ويا

وفاقي ترقياتي پروگرام

نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ وفاقي ترقياتي پروگرام لاءِ 800 ارب رُپيا رکڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، چئني صوبن، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان لاءِ پي ايس ڊي پي ۾ رقم وڌائي 136 ارب رُپيا ڪئي وئي

ترقياتي بجيٽ ۾ سنڌ لاءِ 355 ارب 38 ڪروڙ ۽ پنجاب صوبي جي ترقياتي بجيٽ 585 ارب رُپيا رکڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي، بلوچستان جي 148 ارب 53 ڪروڙ ۽ ڪي پي لاءِ 300 ارب رُپيا رکڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي

ڊيمز ۽ بندرگاهن جي بجيٽ

بجيٽ ۾بجلي جي شعبي لاءِ 73 ارب رُپيا رکيا ويا، ديا مير ڀاشا، مهمند، داسو ۽ گاج ڊئم منصوبن لاءِ 100 ارب رُپيا رکڻ جي سفارش ڪئي وئي، وڏين شاهراهن ۽ بندرگاهن لاءِ 200 ارب رُپيا مخصوص ڪئي وئي آهي، ترقياتي بجيٽ ۾ نيشنل هاءِ وي جي اسڪيمز لاءِ 121 ارب مخصوص ڪيا ويا آهن

بينظير انڪم سپورٽ پروگرام

ناڻي واري وزير نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي بجيٽ 250 مان وڌائي 364 ارب رُپيا ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي

بينظير تعليمي وظيفو پروگرام جو دائرو هڪ ڪروڙ ٻارن تائين وڌائي 35 ارب رُپيا رکيا ويا، بينظير انڊر گريجوئيٽ پروگرام تحت وڌيڪ 10 هزار شاگردن کي اسڪالر شپ ڏيڻ لاءِ 9 ارب رُپيا مخصوص ڪيا ويا آهن، بجيٽ ۾ٻارن جي واڌ ويجهه بابت بينظير پروگرام جو دائرو سمورن ضلعن تائين وڌائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پروگرام لاءِ 21.5 ارب رُپيا رکيا ويا

تعليمي ادارن جي بيجٽ

مالي سال 23-2022 جي وفاقي بجيٽ ۾ هائير ايجوڪيشن ڪميشن لاءِ 65 ارب رُپين جي بجيٽ مخصوص ڪيا ويا آهن، هيڪ جي ترقياتي اسڪيمز لاءِ 44 ارب رُپيا ڌار رکيا ويا

هيڪ جي بجيٽ ۾ بلوچستان ۽ ڪي پي ۾ ضم ٿيل قبائلي علائقن لاءِ 50 هزار وظيفا به شامل آهن، حڪومت طرفان نيشنل يوٿ ڪميشن قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي

لک نوجوانن کي روزگار ملندو 20

ناڻي جي وزير بجيٽ تقرير ۾ چيو آهي ته نوجوان روزگار پاليسي تحت روزگار جا 20 لک کان وڌيڪ موقعا ملندا، نوجوانن ۾ ڪاروبار کي هٿي ڏيڻ لاءِ وياج بنا 5 لک رُپين تائين قرض ڏنو ويندو

مفتاح اسماعيل موجب اسڪيم ۾ آسان شرطن تي اڍائي ڪروڙ رُپين تائين قرض به شامل هوندو، قرض اسڪيم ۾ عورتن لاءِ 25 سيڪڙو ڪوٽا مخصوص، سموري ملڪ ۾ يوٿ ڊولپمينٽ سينٽرز قائم ڪيا ويندا

ڌاٻيجي اڪنامڪ زون فعال ڪرڻ جو اعلان

حڪومت ڌاٻيجي اڪنامڪ زون کي فوري بجلي ۽ گئس مهيا ڪري فعال ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، ناڻي جي وزير مفتاح اسماعيل بجيٽ تقرير ۾ چيو آهي ته چيني سرڪار سان طئه ٿيو آهي ته سي پيڪ جي روٽس تي 9 اسپيشل اڪنامڪ زون ٺاهيا ويندا، اُتي چين سوڌو ٻين ملڪن جي سيڙپڪارن کي ڪارخانا لڳائڻ لاءِ سهولت مهيا ڪئي ويندي

مفتاح اسماعيل چيو ته جلد گئس جي نوَن اگهن جو اعلان ڪيو ويندو، جنهن تحت صنعت علائقن کي مناسب اگهه تي گئس مهيا ڪئي ويندي

فلم انڊسٽري کي رليف

نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ فلمز ۽ ڊرامن سوڌو فنونِ لطيفه کي هٿي ڏيڻ لاءِ ساليانو هڪ ارب رُپين جي لاڳت سان بائينڊنگ فلم فنانس فنڊز قائم ڪرڻ ۽ فنڪارن لاءِ ميڊيڪل انشورنس پاليسي جو اعلان ڪيو ويو آهي

فلم ڊسٽري بيوٽرز ۽ پروڊيوسرز تي لاڳو 8 سيڪڙو وِد هولڊنگ ٽئڪس ختم ڪئي وئي آهي، فلم توڙي ڊرامن لاءِ مشينري ۽ اوزارن جي امپورٽ تي 5 سالن لاءِ ڪسٽم ڊيوٽي نه وٺڻ جو به اعلان ڪيو ويو آهي

ٽيڪس ۾ اضافو

ڪريڊٽ ڪارڊ جي ادائيگي تي هڪ سيڪڙو ٽيڪس لڳايو ويندو، نان فائلرز کي ڪريڊٽ ڪارڊ جي استعمال تي 2 سيڪڙو ٽيڪس ادا ڪرڻو پوندو

بجيٽ ۾ انڪم ٽيڪس سليبس گهٽائڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، انڪم ٽيڪس سليبس 12 بدران 7 ٿي سگهي ٿو، ساليانه 10 لک کان وڌيڪ آمدني تي ٽيڪس وڌي ويندو

بجيٽ ۾ آن لائين ۽ سوشل ميڊيا تي انڪم ٽيڪس وڌائڻ جي به تجويز ڏني وئي آهي، انڪم ٽيڪس ڏنل مراعات گهٽ ڪرڻ ۽ انٽرنيشنل سفر لاءِ بزنس ڪلاس تي 4 ڀيرا ٽيڪس وڌائڻ جي تجويز ڏني وئي آهي

بجيٽ ۾ هر مهيني 10 هزار کان وڌيڪ ۽ سال ۾ هڪ لک ڊالر کان وڌيڪ جي خريداري تي پابندي جي تجويز آهي

سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ واڌ

ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل چيو ته ملڪ هن وقت مالي بحران جو شڪار آهي، جنهن سبب سرڪاري ملازم ڏکيائين جو شڪار آهن، حڪومت کي سرڪاري ملازمن جي پريشانين جو احساس آهي، تنهن ڪري سندن پگهار ۾ 15 سيڪڙو اضافو ڪيو پيو وڃي

پينشن

وفاقي بجيٽ ۾ پينشن جي مد ۾ 530 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن، ان کانسواءِ عوام جي سهولت لاءِ ٽارگيٽڊ سبسڊيز جي مد ۾ 699 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن