ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وفاقي اردو يونيورسٽي ۾ ھو جمالو پروگرام روڪي سنڌي شاگردن تي تشدد ڪرڻ خلاف مختلف يونيورسٽين جي شاگردن ڪراچي پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي شاگرد اڳواڻن وسيم راڄپر، وجاھت جاگيراڻي، راجا مبشر، ايس ٽي پي اڳواڻ گلزار سومرو ۽ ٻين چيو ته ڪراچي ۽ پنجاب جي 3 يونيورسٽيز ۾ جميعت جي ڪارڪنن پرامن پروگرامن تي حملا ڪري  شاگردن تي تشدد ڪيو، هوڏانهن ڪراچي بار ايسوسيئيشن جي جنرل سيڪريٽري وقار عالم عباسي وفاقي اردو يونيورسٽي ۾ سنڌي شاگردن تي حملي جي مذمت ڪندي جوابدارن خلاف قانوني ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي،