لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان جي ليجنڊ اسٽارز وسيم اڪرم ۽ وقار يونس نوجوان فاسٽ بالر نسيم شاهه جي تعريف ڪئي آهي. وقار يونس چيو ته جڏهن نسيم شاهه کي پهريون ڀيرو ڏٺو ته مونکي مڪمل پروڊڪٽ نظر آيو، فاسٽ بالر ڪريز تائين وڏي رواني سان پهچندو آهي، هن جو رن اپ بهترين، ڪلاسڪ ايڪشن ۽ اسپيڊ به آهي، نسيم جو ڊينس للي جهڙو ايڪشن آهي، آسٽريليا ٽور کان اڳ محمد عامر ۽ وهاب رياض وڃڻ کان انڪار ڪيو ته مان سوچيو ته ڇو نه ڪنهن باصلاحيت نوجوان کي موقعو ڏنو وڃي، هن پنهنجي ڪارڪردگي سان تاثر به ڇڏيو. هوڏانهن سوئنگ جي سلطان وسيم اڪرم چيو ته مان نسيم شاهه کي فالو ٿرو پسند ڪندو آهيان، بال ڪرائيندي هن جو پورو دٻاءُ اڳين ٽنگ تي هوندو آهي، اڳئين ٻانهن به مڪمل فضا ۾ بلند رهندي آهي، ان جي ڪري هن کي آئوٽ سوئنگ ۾ به مدد ملندي آهي. هن چيو ته نسيم شاهه جهڙو ايڪشن فاسٽ بالرن لاءِ وڏي اهميت رکندو آهي، ايشيا ڪپ ۾ هن نئين بال سان بهترين ان سوئنگز ڪيون، فاسٽ بالر کي اعتماد ۽ موقعا ڏنا وڃن ته اهو پاڪستان لاءِ ڪاناما سرانجام ڏئي سگهي ٿو.