حيدرآباد(بيورو) متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) پاڪستان جي اڳواڻ وسيم اختر پنجاب حڪومت ڏکڻ پنجاب سيڪريٽريٽ قائم ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني آھي ۽ گڏوگڏ سنڌ جي شھري علائقن ۾ به سيڪريٽريٽ قائم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آھي. پنھنجي ھڪ بيان ۾ ھن چيو ته ڪراچي سيڪريٽري قومپرستن جو سيڪريٽريٽ آھي، اتي ڪوٽا جي باوجود نوڪريون وڪرو ڪيون وينديون آھن،  مسئلن جي حل جي لاءِ ڏکڻ سنڌ جو سيڪرٽري قائم ڪيو وڃي. ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ڊپٽي ڪنوينر وسيم اختر مطالبو ڪيو آهي ته شهري سنڌ لاءِ الڳ سيڪريٽريٽ قائم ڪيو وڃي. اهڙو مطالبو هن حيدرآباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. وسيم اختر حيدرآباد جي پارٽي آفيس ۽ چونڊيل نمائندن جي رابطه آفيس تي حملي ۽ ڀڃ ڊاهه جي مذمت ڪندي جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو به ڪيو. هن چيو ته اهو حملو اهڙي قيادت جي ماڻهن ڪيو جيڪي پاڻ کي ليڊر سمجهن ٿا. حملي دوران نه رڳو ڀڃ ڊاهه ڪئي وئي پر ڪارڪنن کي مارڪٽ به ڪئي وئي. حملو ڪندڙ جن ماڻهن کي جنهن قيادت جي سرپرستي حاصل آهي اهي دبئي کان آيل آهن ۽ جڏهن کان انهن دبئي مان اچي سياست شروع ڪئي تڏهن کان عوام کين شڪست ڏيندو اچي ٿو. هن چيو ته جيڪڏهن ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي حيدرآباد حملي جو ڪيس داخل نه ڪندا ته عدالتن سان رجوع ڪيو ويندو. اهڙي مسئلي تي سنڌ ۽ قومي اسيمبلي ۾ استحقاق جي تحريڪ به پيش ڪئي ويندي. هن الزام هنيو ته حملو ڪندڙن ۽ سندن نام نهاد سياسي ٽوڙي کي سنڌ حڪومت جي به سرپرستي حاصل آهي.