سکر: وزير اعظم پاڪستان ميان شهباز شريف ڪراچي ايڪسپريس سان پيش آيل حادثي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. فوتين جي مغفرت لاءِ دعا گهري وئي. وزير اعظم پاڪستان طرفان ريلوي جي وزارت کي جلد انڪوائري رپورٽ مڪمل ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. هوڏانهن وفاقي وزير ريلوي سعيد رفيق فيڊرل گورنمينٽ انسپيڪٽر آف ريلويز جي سربراهي ۾ ٽيم جوڙي آهي جيڪا واقعي واري هنڌ پهچي باهه لڳڻ جو ڪارڻ توڙي حادثي جا سبب معلوم ڪري اختيارين کي رپورٽ ڪندي.