وزير اعظم پاران اٽي  جي بحران جا ذميوار صوبا قرار

0
254

اسلام آباد: وزير اعظم شهباز شريف چيو آهي ته ملڪ ۾ اٽي جي بحران جا ذميوار صوبا آهن، ڪڻڪ وفاق کي نه پر صوبن کي رليز ڪرڻي آهي، افسوس آهي ته ڪڻڪ جا ذخيرا موجود هئڻ باوجود صوبا ذميواري ادا نه پيا ڪن

اسلام آباد ۾ وفاقي وزيرن سان گڏ پريس ڪانفرنس دوران وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ملڪ ۾ اٽي جو بحران ڇو آهي؟

 ان سوال جو جواب صوبن کان پڇيو وڃي، صوبن کي پنهنجي ذميواري سمجهڻ گهرجي، صوبا عوام تي رحم ڪن

هن چيو ته امدادي رقمن ۾ گهوٻين جو خدشو هجي ها ته عالمي برادري پاڪستان لاءِ 10 ارب ڊالرز جي امداد جو اعلان نه ڪري ها