وزير اعظم شھباز شريف ۽ حمزھ کي عدالت مان ٻيھر رليف ملي ويو

0
334
وزير اعظم شھباز شريف ۽ حمزھ کي عدالت مان ٻيھر رليف ملي ويو
وزير اعظم شھباز شريف ۽ حمزھ کي عدالت مان ٻيھر رليف ملي ويو

وزيراعظم شهباز شريف ۽ پنجاب جي وڏي وزير حمزه شهباز خلاف فرد جرم لاڳو ڪرڻ واري ڪارروائي ٻيهر ملتوي  ٿي وئي آھي، جڏھن تھ عدالت شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي عبوري ضمانت ۾ 21 مئي تائين واڌ ڪئي آھي

لاهور جي خاص عدالت مني لانڊرنگ ڪيس ۾ شهباز شريف جي حاضريءَ کان ڇوٽ واري درخواست به منظور ڪري ورتي

 وزيراعظم شهباز شريف تي الزام آهي ته هن 2008 کان 2018 تائين 16 ارب رپين جي مني لانڊرنگ ڪئي

حمزه شهباز عدالت ۾ پيشي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته لنڊن ۾ ملڪ ۽ قوم لاءِ سٺا فيصلا ٿي رهيا آهن، مهانگائي خلاف جهاد ڪري عوام کي رليف ڏينداسين