وزير اعظم جِي سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان سان ملاقات

0
371

رياض (ڊيسڪ رپورٽ) وزير اعظم عمران خان جِي سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان سان ملاقات، پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ وفدن جِي سطح تي به ڳالهيون، ٻنهي ملڪن وچ ۾ پنج معاهدن تي صحيحون: سعودي-پاڪستان سپريم ڪوآرڊينيشن ڪائونسل جو قيام، سزا يافته ڏوهاين جي مٽا سٽا، ماحوليات ۽ توانائي منصوبن تي معاهدا شامل آھن، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي جده ۾ سعودي ولي عهد محمد بن سلمان سان ملاقات، آءِ ايس پي آر موجب ٻطرفن لاڳاپن، فوجي ۽ دفاعي شعبن ۾ سهڪار تي ڳالهيون، آرمي چيف چيو ته پاڪستان سعودي عرب جي سالميت، خودمختياري ۽ حريمين شريفين جي دفاع لاءِ پرعزم آهي، سعودي ولي عهد چيو ته امن ۽ استحڪام لاءِ ڪردار ادا ڪندا رهنداسين.