اسلام آباد: اطلاعات واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته جهانگير ترين پي ٽي آءِ جو اهم اڳواڻ آهي پر وزيراعظم عمران خان جهانگير ترين جي حامي ميمبرن سان ملاقات ۾ واضح ڪيو ته ايف آءِ اي کي جاچ کان نه روڪيو ويندو، انصاف جا تقاضا پورا ڪيا ويندا. فواد چوڌري چيو ته هڪ پارٽي جيڪا انصاف ۽ احتساب جي نالي ۾ وجود ۾ آئي ، اها پنهنجي ۽ ٻين لاءِ انصاف جو ٻٽو معيار قائم نٿي ڪري سگهي. هن چيو ته ڪجهه ايم اين ايز وزيراعظم کي جهانگير ترين بابت پنهنجا موقف ٻڌايو، جيئن ٻين ماڻهن ڪيسن کي منهن ڏنو آهي تيئن پارٽي جي ماڻهن کي به ڪرڻو پوندو. اطلاعات واري وزير چيو ته جهانگير ترين پارٽي لاءِ ڪو مسئلو پيدا نه ڪندو ، ڇاڪاڻ ته هو پارٽي جو حصو آهي ، وزيراعظم جو واضح نظريو آهي ته جنهن تي به الزام لڳندو، تنهن کي ڪيسن مان گذرڻو پوندو، جهانگير ترين سان وزير اعظم جي ملاقات جو في الحال ڪو شيڊول ڪونهي.