وزير اعظم احساس سيونگ والٽس، بينڪ اڪائونٽ جو افتتاح ڪري ڇڏيو

0
541
گڏيل مفادن واري ڪائونسل

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته ڪمزور طبقي کي نظر انداز ڪرڻ وارو ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي، احساس پروگرام تيزي سان نه هلايون ها ته ڪمزور طبقي کي وڌيڪ نقصان ٿئي ها، عورتن کي روزگار ڏئي غربت کي تيزي سان ختم ڪري سگهجي ٿو، اسلام آباد ۾ احساس سيونگ والٽس بينڪ اڪائونٽ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪورونا وبا سبب هڪ سال دوران ڪروڙين ماڻهو غربت جي لڪير کان هيٺ هليا ويا، حڪومت غربت جي خاتمي لاءِ سخت قدم کڻي رهي آهي، هن چيو آهي ته ڪورونا وبا جي دوران احساس پروگرام کي چوٿون ڪامياب پروگرام سمجهيو ويو، احساس پروگرام جي ذريعي شفافيت، ميرٽ تي مستحقين کي رقم فراهم ڪئي وئي، ڪورونا جي ڪري غريب ملڪ گهڻا متاثر ٿيا، اسان جي 25 سيڪڙو آبادي غربت جي لڪير کان هيٺ آهي، لاڪ ڊائون کان ڏهاڙي وارو مزدور طبقو تمام گهڻو متاثر ٿيو آهي.