وزير اعظم آرمي چيف کي امريڪي حڪومت سان ڳالهين جي اجازت ڏئي ڇڏي

0
210
وزير اعظم آرمي چيف کي

اسلام آباد: آرمي چيف قمر جاويد باجوه آءِ ايم ايف کان فنڊز جلد جاري ڪرائڻ لاءِ وزير اعظم شهباز شريف جي واضح اجازت کانپوءِ ئي امريڪي حڪومت سان رابطو ڪيو هو

سرڪاري ذريعن موجب وزير اعظم ۽ آرمي چيف وچ ۾ معاشي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ انهيءَ دوران امريڪي حڪومت سان ڳالهه ٻولهه جي حوالي سان اتفاق ٿيو

ٻين قدمن کانسواءِ اها تجويز به ڏني وئي ته آرمي چيف امريڪي حڪومت سان رابطو ڪري ۽ پنهنجو اثر رسوخ استعمال ڪندي درخواست ڪري ته آءِ ايم ايف فنڊز جلد پاڪستان کي فراهم ڪري

وزير اعظم آرمي چيف کي اجازت ڏني ۽ ڳالهه ٻولهه کانپوءِ آرمي چيف وزير اعظم شهباز شريف کي آگاهه ڪيو

ذريعن ٻڌايو ته سويلين ۽ ملٽري قيادت اِن ڳالهه تي زور ڀريو ۽ مشاورت ڪئي ته ملڪ جي معيشت کي بحران مان ڪيئن ڪڍجي، امريڪي انتظاميا سان رابطو انهن آپشنز مان هڪ هو، جن جي حوالي سان پاڪستان اختيارين ملڪ کي معاشي چيلينجز سان ڪڍڻ لاءِ قدم کڻي رهيون آهن

انٽرنيشنل ميڊيا جي تازي رپورٽ موجب آرمي چيف امريڪا جي ڊپٽي پرڏيهي وزير وينڊي شرمن سان رابطو ڪري کيس اپيل ڪئي ته امريڪا آءِ ايم ايف کان 1.2 ارب ڊالرز جي قسط ڏيارڻ ۾ پاڪستان جي مدد ڪري

ھي به پڙھندا

بلوچستان: وزيراعظم پاران ٻوڏ سٽيل علائقن جو دورو، متاثرن کي فوري معاوضو ادا ڪرڻ جو حڪم