وانا (م ڊ) اتر ۽ ڏکڻ وزيرستان جي ضلعن ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائين ۾ 5 دهشتگرد مارجي ويا. آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز اتر ۽ ڏکڻ وزيرستان جي ضلعن ۾ آپريشن ڪيو. آپريشن دهشتگردن جي موجودگي جي تصديق ٿيل ڳجهي اطلاع جي بنياد تي ڪيو ويو. دهشتگردن ۽ سڪيورٽي فورسز وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، جوابي ڪارروائي ۾ 5 دهشتگرد مارجي ويا. مارجي ويل دهشتگردن وٽان هٿيار ۽ بارود هٿ ڪيو ويو.