ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ غازي ڳوٺ ۾ ٿيل  پوليس ڪارروائي جو نوٽيس ورتو: اوڀر ضلعي جو  اي ڊي سي، اي سي، ڊي ايس پي، ايس ايچ او سميت 7 آفيسر معطل:  ڪراچي جو ڪمشنر جاچ آفيسر مقرر، ان حوالي سان سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ غازي ڳوٺ ۾ ٿيل  پوليس  چڙهائي جو نوٽيس وٺندي معاملي جي انڪوائري  جو حڪم ڏنو آهي،  وڏي وزير سيد مراد علي شاھه  چيو آهي ته ڪنهن کي به اختيارن جو ناجائز استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. هن چيو ته معاملي جي انڪوائري جو حڪم ڏنو ويوآهي، جڏهن ته ملوث اهلڪارن کي معطل ڪيو ويو آهي،  ٻئي طرف رات دير سان ڪراچي جي ڪمشنر اقبال ميمڻ کي جاچ آفيسر مقرر ڪري کيس 3 ڏينهن ۾ جاچ رپورٽ ڏيڻ جي هدايت ڪئي وئي، ڪمشنر  کي هدايت ڪئي وئي ته آپريشن ڇو ٿيو ؟  عورتن ۽ ٻارن تي تشدد جو ذميوار ڪير آهي؟ بابت رپورٽ ۾ تعين ڪيو وڃي،   هوڏانهن  چيف سيڪريٽري  ڪراچي اوڀر جي ڊي سي طارق چانڊيو جي ابتدائي رپورٽ تي اي ڊي سي اوڀر سوڌو 5 عملدارن کي معطل ڪري ڇڏيو، جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب  اي ڊي سي اوڀر حشام مظهر، گلزار هجري جي اسسٽنٽ ڪمشنر نديم قادر کوکر، گلزار هجري جي مختيارڪار جليل بروهي، تپيدار عاشق تنيو ۽ اينٽي انڪروچمينٽ جي انچارج سيد محمد احمد کي معطل ڪيو ويو آهي . نوٽيفڪيشن موجب آفيسرن کي ڊپٽي ڪمشنر اوڀر جي ابتدائي جاچ رپورٽ تي معطل ڪيو ويو، معطلي دوران سندن پگهارون بند رهنديون، ٻئي طرف سچل جي ڊي ايس پي ۽ ايس ايچ او کي پڻ معطل  ڪيو ويو آهي