ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي توانائي واري وزير امتياز شيخ ٻيهر مطالبو ڪيو آھي ته  برسات سٽيل علائقن ۾ 300 يونٽن تائين بجلي جا بل 3 مھينن تائين معاف ڪيا وڃن، ڪالهه پنهنجي آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو  ته سوشل ميڊيا تي  وڏي وزير جي تبديلي جا افواھه سازش آهن وڏو وزير مراد شاهه اسان جو ڪپتان آهي،  اسان سندس ٽيم جو حصو آهيون، هن چيو ته  آرمي چيف جي مقرري جو طريقو آئين ۾ موجود آهي، آرمي چيف جي مقرري ڪنھن جي خواهشن تي ٿي نٿي سگهي، هن چيو ته  ڪراچي ايندڙ ٻوڏ متاثرن تي ايم ڪيو ايم جي  تنقيد نامناسب آهي، کين ياد رکڻ گھرجي ته جڏهن  اھي آيا ھئا ته سنڌ جي ماڻهن کين ڀليڪار ڪيو هوـ ھن چيو ته  ٻوڏ متاثرن کي ڌاڙيل چوڻ نا مناسب آهي، هن چيو ته ڪراچي ۾ افغان آباديون (بستيون) قائم ٿي سگهن ٿيون ته ٻوڏ متاثر ڇو نه ٿا اچي سگهن؟ ھن چيو ته 2023ع ۾ ڪي اليڪٽرڪ جي هڪ هٽي ختم ٿي ويندي، هن چيو ته حيسڪو ۽ سيپڪو سنڌ حوالي ڪرڻ  تي ڪم ھلي پيو، ٻنهي ادارن کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت ھلايو ويندو، اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ جي الزامن بابت سوال جي موٽ ۾ هن چيو ته ھي اڃا چپ نٿو ڪري؟ حليم عادل ٻڌائي ته هن پاڻ ڇا ڪيو آهي، انھي جو حساب ڏئي؟