اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سڌ سماءَ جي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري جي معاملي ۾ سموريون آئيني ۽ قانوني گهرجون پوريون ڪيون وينديون، ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري جو اختيار وزيراعظم کي آهي، ان معاملي تي آرمي چيف ۽ وزيراعظم وچ ۾ ڊگهي ملاقات ٿي آهي. وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ بريفنگ دوران هن وڌيڪ چيو ته سول ملٽري لاڳاپا آئيڊيل آهن، وزير اعظم هائوس ڪوبه اهڙو قدم نه کڻندو جنهن سان فوج يا سپهه سالا جي عزت گهٽ ٿئي، پاڪستان جِي فوج يا سپهه سالار به ڪو اهڙو قدم نه کڻندا جنهن سان سول قيادت جي عزت گهٽ ٿئي، فواد چوڌري چيو ته رات وزير اعظم عمران خان ۽ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه وچ ۾ ڊگهي ملاقات ٿي، ٻنهي مشاورت دوران نئين ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري جي طريقيڪار تي قانوني رستو اختيار ڪرڻ تي اتفاق ڪيو، آرمي چيف ۽ وزيراعظم ۾ خوشگوار ۽ آئيڊيل ۽ ويجها تعلقاتا آهن، ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري ۾ قانوني طريقو اختيار ڪيو ويندو، ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري وزيراعظم جو اختيار آهي، هوڏانهن وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ به نئين ڊي جي آءِ ايس آءِ جي نوٽيفڪيشن جو معاملو بحث هيٺ رهيو، فواد چوڌري تصديق ڪندي چيو ته وزير اعظم وفاقي ڪابينا کي ڊي جي آءِ ايس جِي مقرري مامري تي اعتماد ۾ ورتو، فواد چوڌري موجب وزير اعظم چيو ته ڊي جي آءِ ايس آءِ جي نوٽيفڪيشن واري معاملي کي غلط رنگ ڏيڻ جي ڪوشش نه ڪئي وڃي، اسان هڪ پيج تي آهيون، معاملو خوش اصلوبي سان حل ٿي ويندو. ذريعن موجب اجلاس ۾ سول ملٽري لاڳاپن بابت هلندڙن ڳالهين تي غور ڪيو ويو، وزيراعظم پاڪ فوج ۾ تبديلين ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري تي ميمبرن کي اعتماد ۾ ورتو، وزيراعظم چيو ته ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري تي ڪو به اختلاف ناهي، ان معاملي ۾ هلندڙ ڳالهين تي ڌيان نه ڏيو، اهم عهدن جي مقرري جي حوالي سان اختلاف ناهي.