وزيراعظم کي مليل تحفن بابت حڪومت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کان هڪ ڀيرو ٻيهر مهلت گهري ورتي

0
177
جاچ ادارن موجب عمران خان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزير اعظم عمران خان کي پرڏيهه مان مليل تحفن جا تفصيل پڌرا ڪجن يا نه؟، حڪومت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کان هڪ ڀيرو ٻيهر مهلت گهري ورتي آھي

 جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب ريمارڪس ڏنا آهن ته جيڪڏهن ڪو دفاعي تحفو آهي ته ڀلي اهو ظاهر نه ڪريو پر هر تحفي کي لِڪائڻ جو ڪهڙو مقصد آهي؟، حڪومت تحفن جا تفصيل لڪائي ڇو شرمسار ٿي رهي آهي؟

 حڪمرانن کي مليل تحفا سندن ذاتي ملڪيت نه پر عوامي آهن، عدالت سرڪاري وڪيل سان مخاطب ٿيندي چيو ته ڇا عوامي عهدي بنا ڪير ڪنهن کي تحفو ڏيندو آهي؟، حڪومت کي گهرجي ته گذريل 10 سالن دوران مليل تحفا پبلڪ ڪري.