وزيراعظم ڀارتي هم منصب نريندر مودي کي سنجيده ڳالهين جي آڇ ڪري ڇڏي

0
282
وزيراعظم ڀارتي هم منصب

ڪراچي: وزيراعظم شهباز شريف ڀارتي هم منصب نريندر مودي کي سنجيده ڳالهين جي آڇ ڪري ڇڏي، ڀارت سان ڳالهين لاءِ متحده عرب امارات کي ٽياڪڙي ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي

العريبيه نيوز چينل کي انٽرويو ڏيندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته نريندر مودي جي لاءِ منهنجو اهو پيغام آهي ته اچو ته ويهون ۽ سنجيده ڳالهيون ڪيون

انٽرويو دوران وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ هو ته اسان جون ڀارت سان 3 جنگيون ٿيون آهن ۽ انهن جنگين جي ڪري اسان کي وڌيڪ بدحالي جو منهن ڏسڻو پيو، اسان پنهنجو سبق سکي ورتو آهي

وزيراعظم چيو ته اسان ڀارت سان پر امن طور رهڻ چاهيون ٿا، ڪشمير ۽ ٻين مسئلن جي حل لاءِ پاڪستان ۽ ڀارت کي ڳالهيون ڪرڻ گهرجن، متحده عرب امارات کي درخواست ڪئي آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت کي ڳالهين جي ميز تي ويهارڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري

هي به پڙهندا

پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان طرفان قومي اسيمبلي ۾ واپسي جو اشارو