لاهور(اسپورٽس نيوز) پي سي بي مينجمينٽ ڪميٽي جي سربراهه نجم سيٺي پي ايس ايل جي اٺين سيزن جي لاهور ۽ راوپنڊي جي ميچز لاءِ وزيراعظم شهباز شريف سان رابطو ڪري ورتو آهي. نجم سيٺي وزيراعظم شهباز شريف کي سيڪيورٽي خرچن جي معاملي تي تفصيلن کان آگاهه ڪيو، جنهن تي شهباز شريف مڪمل سهڪار ۽ مدد جو يقين ڏياريو. ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ۾ نجم سيٺي شهباز شريف کي سيڪيورٽي مد ۾ پئسا نه ڏيڻ جو چيو، سندس چوڻ هو ته پي ايس ايل قومي ايونٽ آهي ان جو منعقد ٿيڻ قومي ادارن جي ذميواري آهي، پئسن جي مطالبي تان هٿ نه کنيو ويو ميچز ڪراچي ۾ ڪرائڻ تي مجبور ٿي وينداسين.