اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان هڪ ڀيرو ٻيهر فواد چوڌري کي سڌ سماءَ جو وفاقي وزير مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو، ذريعن مطابق فواد چوڌري جي مقرري جو جلد اعلان ڪرڻ تي غور ڪيو پيو وڃي، ياد رهي ته 2018ع جي عام چونڊ جي نتيجي ۾ تحريڪ انصاف جي قائم ٿيل وفاقي سرڪار ۾ فواد چوڌري کي سڌ سماءَ جو وفاقي وزير 20 آگسٽ 2018ع تي مقرر ڪيو ويو هو جنهن بعد کيس هٽائي فردوس عاشق اعواڻ کي ان وزارت بابت خصوصي معاون مقرر ڪيو، جنهن کي به هٽائي وزيراعظم عمران خان سينيٽ ۾ قائد ايوان شبلي فراز کي سڌ سماءَ جو وفاقي وزير مقرر ڪيو جيڪو 12 مارچ 2021ع تائين ان عهدي تي قائم رهيو، جنهن کان پوءِ سڌ سماءَ وزارت جو قلمدان اڃا تائين ڪنهن کي نه ڏنو ويو هو، وزيراعظم ڪابينا ۾ مشاورت مڪمل ڪري فواد چوڌري کي سڌ سماءَ جو وفاقي وزير مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جڏهن ته شبلي فراز کي پيٽروليم وزارت جو قلمدان ملڻ جو امڪان آهي. سڌ سماءَ وزارت ۾ موجوده حڪومت جي اڍائي سالن ۾ هي چوٿين تبديلي ٿيڻ وڃي رهي آهي.