اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف هڪ ڏينهن اڳ آءِ ايس آءِ جي شهيد ڊائريڪٽر نويد صادق جي گهر پهچي آءِ ايس آءِ جي ٻنهي شهيدن لاءِ موقعي تي سول ايوارڊ ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو، وزيراعظم شهباز شريف آءِ ايس آءِ جي شهيد ڊائريڪٽر نويد صادق کي هلال شجاعت ۽ انسپيڪٽر ناصر عباس کي ستاره شجاعت ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، وزيراعظم طرفان ٻنهي شهيدن کي دهشتگردن خلاف بي مثال بهادري تي ايوارڊ جو اعلان ڪيو ويو هو، وزيراعظم مطابق ٻنهي شهيدن مادر وطن جي تحفظ خاطر زندگي قربان ڪئي.