وزيراعظم هائوس ۾ وفاقي وزيرن ۽ نون ليگ جي اڳواڻن جي گڏجاڻيءَ جي آڊيو ليڪ ٿي وئي

0
362

 

اسلام آباد( ڊيسڪ رپورٽ) وزيراعظم هائوس ۾ وفاقي وزيرن ۽ نون ليگ جي اڳواڻن جي گڏجاڻيءَ جي آڊيو ليڪ ٿي وئي، ليڪ ٿيل آڊيو ۾ وزيراعظم شهباز شريف، راڻا ثناءُ الله، خواجا آصف، اياز صادق ۽ ٻين جا آواز ٻڌڻ ۾ اچن ٿا

ليڪ ٿيل آڊيو ۾ نون ليگ جا اڳواڻ ۽ وفاقي وزير پي ٽي آءِ ميمبرز جي استعيفائن بابت مختلف تجويزون پيش ڪري رهيا آهن، ليڪڊ آڊيو ۾ استعيفائن جي منظوري لاءِ لنڊن مان منظوري وٺڻ جو ذڪر به ٿي رهيو آهي

گڏجاڻيءَ جي آڊيو ليڪ ٿيڻ بعد وزيراعظم هائوس جي سيڪيورٽي سواليه نشان بڻجي وئي، ان کان اڳ وزيراعظم شهباز شريف کي مريم نواز جي ناٺيءَ لاءِ سهولت جي درخواست ڪرڻ واري آڊيو ليڪ ٿي وئي آھي

ليڪ ٿيل آڊيو ۾ اڻڄاتل سرڪاري عملدار مبينا طور شهباز شريف کي ٻڌائي ٿو ته مريم نواز پنهنجَي ناٺِي لاءِ ڀارت مان پاور پلانٽ گهرائڻ جو چئِي رهِي آهي

ھي به پڙھندا

عمران خان ۾ همت آهي ته مسٽر ايڪس ۽ مسٽر واءِ جو نالو کڻي: مريم نواز

مريم نواز جي ناٺيءَ لاءِ سھولت جي درخواست: وزيراعظم ۽ سرڪاري عملدار جي مبينا آڊيو ليڪ