اسلام آباد (بيورو رپورٽ )وزيراعظم هائوس جي ڊيٽا ڪيئن ليڪ ٿي؟ جي آءِ ٽي اعليٰ سطحي جاچ شروع ڪري ڇڏي، وزيراعظم قومي سلامتي ڪاميٽي جو اڄ اجلاس به گهرائي ورتو. وزيراعظم هائوس جي ڊيٽا ليڪ ٿيڻ جي جاچ لاءِ جوائنٽ انويسٽيگيشن ٽيم (جي آءِ ٽي ) جوڙي وئي، ذريعن موجب وزيراعظم هائوس جي ڊيٽا هيڪ ٿيڻ جو معاملو اعليٰ سطح تي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته جي آءِ ٽي ۾ حساس ادارن جو هڪ،هڪ نمائندو شامل هوندو. ذريعن موجب جي آءِ ٽي ان ڳالهه جي جاچ ڪندي ته ڪيئن آءِ ٽي ڊيٽا هيڪ ڪئي وئي، جي آءِ ٽي کي وزيراعظم هائوس جي عملي کي جاچ ۾ شامل ڪرڻ جو به اختيار ڏنو ويو آهي. ذريعن موجب جي ٽي آءِ جاچ ڪندي ته وزيراعظم هائوس جي ڊيٽا ڪيئن ليڪ ٿي؟ ڪنهن ڪئي، ڊوائيسز لڳي يا موبائل فون رڪارنڊنگ ٿي، ڪهڙا ڪهڙا آفيسر واقعي وقت موجود هئا، وزيراعظم سيڪريٽريٽ ۾ مقرر اسپيشل برانچ جي اهلڪارن کان به جاچ ڪئي ويندي، ٻئي طرف وزيراعظم شهبازشريف قومي سلامتي ڪاميٽي جو اهم اجلاس به اڄ اربع ڏينهن وزيراعظم هائوس ۾ طلب ڪري ورتو آهي، اجلاس ۾ آءِ ايس آءِ ۽ آءِ بي جي سربراهه پڻ شرڪت ڪندا، آءِ بي ۽ آءِ ايس آءِ جا سربراهه ڳجهي رڪارڊنگ بابت قومي سلامتي ڪاميٽي کي آگاهه ڪندا. اجلاس ۾ بچاءُ وارو وزير، گهرو وزير، پرڏيهي وزير ۽ ناڻي وارو وزير پڻ شرڪت ڪندا. واضح رهي ته ٻه ڏينهن اڳ وزيراعظم هائوس ۾ ٿيل اجلاس دوران آڊيو ليڪ ٿي هئي جنهن کانپوءِ پي ايم هائوس جي سيڪيورٽي جي حوالي سان سوال اُٿاريا پيا وڃن. ان سلسلي ۾ وفاقي گهرو وزير رانا ثناءُ الله  انڪشاف ڪيو آهي ته آءِ ايس آءِ ۽ آءِ بي جي آفيسرن آڊيو ليڪ جي شروعاتي جاچ ڪري ورتي آهي، ٻئي سينيئر آفيسر ان نتيجي تي پهچي چڪا آهن ته هن آڊيو ليڪ پويان ڪير آهن؟ اڄ قومي سلامتي ڪاميٽي جي اجلاس ۾ شروعاتي رپورٽ سامهون رکي ويندي، حتمي ڳالهه مڪمل جاچ کانپوءِ ئي سامهون ايندي.هن چيو ته آڊيو ليڪ ڪجهه ناهي، صرف چانهن جي پيالي ۾ طوفان آهي، معاملي جي تهه تائين پهچڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، ٿي سگهي ٿو ته وزيراعظم جي سيڪريٽري يا منهنجو ئي موبائل هيڪ ٿيو هجي، جيڪڏهن پي ايم هائوس ۾ ڪي اوزار لڳل آهن، ان جي ذميوارن خلاف ڪارروائي ٿيندي. رانا ثناءُ الله چيو ته عمران خان پهرين پنهنجي ٽيپس ته سنڀالي، عمران اهڙي قسم جي فراڊ ۽ بليڪ ميلنگ جون ڪهاڻيون گهڙڻ جو ماهر آهي، فواد چوڌري ليڪس آڊيو جي وڪري ۽ قيمت جو ايئن ٻڌائي رهيو آهي، ڄڻ پاڻ ان ۾ بروڪر هجي. گهرو وزير چيو ته عمران خان کي لاڏلو نه بڻايو ويو ته نااهل ٿيندو، مون به 10 ڀيرا چيو آهي ته توشا خانه ۾ هي نااهل ٿيندو، توهين عدالت ۾ عمران کي نڪ رڳڙي معافي وٺڻي پئي، معافي وٺندو ته معافي ملندي، اسلام آباد لانگ مارچ بابت چيو ته عمران خان 10 هزار ماڻهو وٺي اسلام آباد ايندو، اسان 50 هزار ماڻهن جو بندوبست ڪيو آهي.