وزيراعظم مديني شريف پهچي ويو، هيل به پيرين اگهاڙي پاڪ سرزمين تي قدم رکيا

0
250
وزيراعظم مديني شريف پهچي ويو
وزيراعظم مديني شريف پهچي ويو، هيل به پيرين اگهاڙي پاڪ سرزمين تي قدم رکيا

وزيراعظم عمران خان سعودي عرب جي دوري تي مديني پاڪ پهچي ويو. وزيراعظم هائوس جي پڌرائي موجب مدينه منوره ايئرپورٽ پهچڻ تي ڊپٽي گورنر شهزادي سعود بن خالد الفيصل وزيراعظم عمران خان جي آجيان ڪئي

چيئرمين پاڪستان علماءَ ڪائونسل حافظ محمد طاهر اشرفي ۽ پاڪستان جو سفير بلال اڪبر به ان موقعي تي موجود هئا.  عمران خان هيل به پنهنجا جوتا لاهڻ کانپوءِ پاڪ سرزمين تي پير رکيا. وزيراعظم هائوس پاران جاري ڪيل تصويرن ۾ مديني ايئرپورٽ تي آجيان لاءِ موجود وفد ۽ گورنر کي جوتا پاتل نظر اچي رهيا آهن، جڏهن ته وزيراعظم پيرين اگهاڙو نظر اچي رهيو آهي

وزيراعظم عمران خان رسول پاڪ ﷺ جي روضي مبارڪ تي حاضري ڀرڻ بعد اڄ رات عمرو ادا ڪندو. ان کان به وزيراعظم مديني پاڪ جي سرزمين تي پيرين اگهاڙي قدم رکيا هئا