لنڊن (م ڊ) برطانيا جي نئين وزيراعظم لز ٽرس عهدو سنڀالي ورتو، وزيراعظم لز ٽرس پهرين خطاب ۾ چيو آهي ته برطانيا جي تعمير ۽ ترقي منهنجي مشن ۾ شامل آهي، نئين وزيراعظم لز ٽرس پنهنجون 3 پهريون ترجيحون معيشت، توانائي ۽ هيلٿ سسٽم کي قرار ڏنو. هن چيو ته ٽيڪسز ۾ گهٽتائي آڻي سڌارن ذريعي معيشت کي هٿي وٺرائي ويندي، ان کان اڳ برطانيا جي نئين وزيراعظم لز ٽرس جي برطانوي راڻي سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران برطانوي راڻي باضابطا طور لز ٽرس کي حڪومت ٺاهڻ جي دعوت ڏني، وزيراعظم لز ٽرس هاڻ پنهنجي ڪابينا جوڙيندي.