اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سعودي سفير تصديق ڪندي ٻڌايو آھي ته وزير اعظم عمران خان عيد کان اڳ يا عيد جي فوري بعد سعودي عرب جو دورو ڪندو، مذهبي مامرن جي وزارت پاران جاري ڪيل بيان موجب سعودي مڪتب الدعوت پاران راشن ورهائڻ جي تقريب ٿي جنهن ۾ مذهبي مامرن جي وفاقي وزير نورالحق قادري ۽ سعودي سفير نواف المالڪي شرڪت ڪئي مذهبي مامرن جي وزير نورالحق قادري رمضان پيڪيج ڏيڻ تي سعودي عرب جو شڪريو ادا ڪيو، سعودي سفير تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته وزير اعظم عمران خان عيد کان اڳ يا عيد کان فوري بعد سعودي جو دورو ڪندو وزير اعظم پنهنجي دوري جي موقعي تي سعودي فرمانوا محمد بن سلمان ملاقات ڪندو.