وزيراعظم عمران خان کي بطور اسيمبلي ميمبر نااهل قرار ڏيڻ واري درخواست رد

0
182
وزيراعظم عمران خان کي بطور اسيمبلي ميمبر نااهل قرار ڏيڻ واري درخواست رد
وزيراعظم عمران خان کي بطور اسيمبلي ميمبر نااهل قرار ڏيڻ واري درخواست رد

اسلام آباد (بيورو)  اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وزيراعظم عمران خان جي بطور اسيمبلي ميمبر شپ جي نااهلي لاءِ داخل درخواست رد ڪري ڇڏي

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ فدا الله نالي شهري وزيراعظم عمران خان جي نااهلي لاءِ درخواست داخل ڪرائي هئي

درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته عمران خان سينيٽ چونڊن دوران 16 ايم اين ايز وڪرو ٿيڻ جو بيان ڏنو، جنهن جي شيخ رشيد تصديق ڪندي چيو ته انهن خلاف ڪارروائي نٿا ڪري سگهون

ٻڌڻي دوران چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جسٽس اطهر من الله درخواستگذار کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجي تڪ جي ايم اين اي کي چوي ته گن حوالي سان درخواست داخل ڪرائي

جنهن بعد اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس درخواست ناقابل سماعت قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏي