وزيراعظم طرفان ناڻي کاتي جي نئين وزير شوڪت ترين تي اعتماد جو اظهار

0
389

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) شوڪت ترين کي 35 سالن کان سڃاڻان ٿو، هو معاشي صورتحال ۾ وڌيڪ استحڪام لاءِ بهترين پلاننگ سان ڪم ڪندو، وزيراعظم عمران خان طرفان ناڻي کاتي جي نئين وزير شوڪت ترين تي اعتماد جو اظهار، ملاقات دوران موجود معاشي ماهرن ۽ حڪومتي ترجمانن جي ٽيم طرفان به وفاقي وزير شوڪت ترين کان سوال پڇيا ويا، ملاقات ۾ سوالن جا جواب ڏيندي وفاقي وزير شوڪت ترين چيو آهي ته ملڪ ۾ جي ڊي پي گروٿ کي گهٽ ۾ گهٽ 6 کان 7 سيڪڙو تائين پهچائڻو پوندو، اسٽيٽ بئنڪ جي موجود گورنر رضا باقر بهترين سڌارا آندا آهن، کيس تبديل ڪرڻ جو ڪوبه امڪان ناهي..