وزيراعظم شهباز شريف سان وڏي وزير مراد علي شاهه جي اهم ملاقات

0
165
وزيراعظم شهباز شريف سان وڏي وزير مراد علي شاهه جي اهم ملاقات

ڪراچي: وزيراعظم شهباز شريف سان وڏي وزير مراد علي شاهه اهم ملاقات ڪئي آهي، سنڌ جي معاملن ۽ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي

 وزيراعظم شهباز شريف وڏي وزير کي خاطري ڪرائي ته سنڌ ۾ جاري وفاقي سرڪار جا ترقياتي منصوبا جلد مڪمل ڪيا ويندا، عوامي ڀلائي لاءِ وفاق ۽ صوبن کي گڏجي ڪم ڪرڻو آهي

 وزيراعظم چيو ته ٿرڪول منصوبي سان نه رڳو ملڪ ۾ توانائي جون گهرجون پوريون ٿينديون پر خطي ۾ ترقيءَ جا نوان دڳ به کلندا، وفاقي وزير احسن اقبال ۽ اياز صادق به ملاقات دوران موجود رهيا

هي به پڙهندا

لاهور هاءِ ڪورٽ تحريڪ انصاف کي آچر ڏينهن مينار پاڪستان وٽ جلسو ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو