اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز  شريف سان سعودي سفير نواف بن سعيد احمد مالڪي جي اڳواڻي ۾ روڊ ٽو مڪه پراجيڪٽ جي ٽيم ملاقات ڪئي، وزيراعظم جو چوڻ هو ته سعودي ۽ پاڪستان هر وقت ۾ هڪ ٻئي سان گڏ بيٺل رهيا آهن، روڊ ٽو مڪه منصوبي تحت پاڪستاني حاجين کي سهولتون فراهم ٿينديون، وزيراعظم سان وزيراعظم جي سياسي مامرن بابت صلاحڪار انجنيئر امير مقام، قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر سردار يوسف ، خيبر پختونخوا جي اڳوڻي گورنر ۽ وڏي وزير سردار مهتاب عباسي، ميان جاويد لطيف ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون،