اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان سان ناڻي وزير حماد اظهر ۽ اسٽيٽ بينڪ جي گورنر رضا باقر ملاقات ڪئي آهي، جنهن ۾ ملڪي معاشي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي آهي، وزيراعظم هائوس جي ترجمان مطابق ملاقات دوران اسٽيٽ بينڪ جي گورنر وزيراعظم کي ٻڌايو ته روشن ڊجيٽل اڪائونٽ مان پاڪستان ايندڙ رقم 80 ڪروڙ ڊالرن کان وڌي چڪي آهي جيڪو عمل خوش آئنده آهي.