اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف سان قومي اسيمبلي ۾ جي ڊي اي  جي ميمبر غوث بخش مهر وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي، وزيراعظم آفيس پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته ملاقات ۾ غوث بخش مهر وفاقي حڪومت جي سنڌ ۾ هلندڙ ترقياتي منصوبن کي جلد مڪمل ڪرڻ لاءِ وزيراعظم جي خصوصي دلچسپي تي ان کي خراج تحسين پيش ڪيو، ان کانسواءِ  9 مئي جي افسوسناڪ واقعن جي مذمت ڪندي وزيراعظم جي ذميوارن کي قرار واقعي سزا جي حڪمن جي به تعريف ڪئي، ملاقات دوران ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال تي به تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.