وزيراعظم سان آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري جي ملاقات

0
272
وزيراعظم سان آصف زرداري
وزيراعظم سان آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري جي ملاقات

وزيراعظم شهباز شريف سان اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ملاقات ڪئي آهي، جنهن دوران ملڪ جي سياسي ۽ معاشي صورتحال تي غور ڪيو ويو

وزيراعظم هائوس ۾ ٿيل ملاقات ۾ وفاقي وزير ۽ اسپيڪر قومي اسيمبلي موجود هئا

ذريعن موجب ملاقات دوران پ پ قيادت کي متحده جي خدشن کان آگاهه ڪيو ويو، احسن اقبال تي بجيٽ ۾ رٿائون ختم ڪرڻ جا الزام هڻندڙ ايم اين اي اسلم ڀوتاڻي به وزيراعظم سان ملاقات لاءِ پهتو ۽ خدشن کان آگاهه ڪيو

وزيراعظم شهباز شريف سان ايم اين اي خالد مگسي جي اڳواڻي ۾ باپ جي ايم اين ايز جي به ملاقات ڪري پنهنجا خدشا ٻڌايا

ذريعن موجب ملاقاتن دروان اتحادين طرفان وزيراعظم کي پنهنجي خدشن کان آگاهه ڪيو ويو

ھي به پڙھندا

https://thetimenews.tv/%d8%a7%d9%8a-%d8%a7%d9%8a%d9%86-%d9%be%d9%8a-%d8%ad%da%aa%d9%88%d9%85%d8%aa-%da%a9%d8%a7%d9%86-%da%8c%d8%a7%d8%b1-%d9%bf%d9%8a%da%bb-%d8%aa%d9%8a-%d8%ba%d9%88%d8%b1-%d8%b4%d8%b1%d9%88%d8%b9-%da%aa/

آصف زرداري ۽ بلاول اڄ وزيراعظم سان ملاقات ڪندا