اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم هائوس ۾ وزيراعظم شهباز شريف سان ڊي جي آءِ ايس آءِ ۽ آرمي چيف اهم ملاقات ڪئي، ذريعن موجب ايپڪس ڪاميٽي جي اجلاس کان اڳ ڊائريڪٽر جنرل انٽرسروسز انٽيليجنس (آءِ ايس آءِ) ليفٽيننٽ نديم انجم ۽ چيف آف آرمي اسٽاف جنرل عاصم منير وزيراعظم هائوس ۾ شهباز شريف سان اهم ملاقات ڪئي. اهم ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي سيڪيورٽي جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.